
لاهور: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ برآمد وڌائڻ لاءِ درآمد وڌائڻي پوندي آهي جنهن سان اسان وٽ ڊالرز جي کوٽ ٿي وڃي ٿي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو پيدا ٿي وڃي ٿو ۽ اسان کي آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پوي ٿو، ڪرپشن سبب ملڪي دولت ٻاهر منتقل ٿي رهي آهي. وزيراعظم عمران خان لاهور ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زون ٽيڪنا پولس جو افتتاح ڪيو، تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته وڏي وزير ۽ هائير ايجوڪيشن جي وزير کي منصوبي تي مبارڪون ڏيان ٿو، ٽيڪ ڪمپنيون دنيا جو مستقبل آهن، اسان جي 22 ڪروڙ آبادي ۾ 60 سيڪڙو نوجوان آهن ۽ آءِ ٽي جون برآمدون 2 ارب ڊالر آهن. هن چيو ته آءِ ٽي جي انقلاب سان اسان تيزيءَ سان اڳتي وڌي سگهون ٿا، ڪاروبار ۾ سولائي لاءِ رنڊڪون ختم ڪيون پيون وڃن، ايڪسپورٽ ۾ واڌ کانسواءِ ملڪ ۾ خوشحالي نه ٿي اچي سگهي، مهانگي درآمدي شين سبب ملڪ ۾ مهانگائي آهي. سندس چوڻ هو ته ڊالر مٿي چڙهڻ سان قرض وڌي ويندو آهي ۽ حڪومت کي ادائيگي ڪرڻي هوندي آهي، اسان ٿورو معاشي طور پاڻ سنڀاليون ٿا ته ڊالر مٿي چڙهي ٿو وڃي، جنهن سبب آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پوندو آهي.