اسلام آبادپاڪستان

قومي اسيمبلي جو اجلاس ٻيهر ملتوي،سيالڪوٽ واقعي تي بحث نه ٿيو

اسلام آباد :قومي اسيمبلي جو اجلاس هڪ دفعو ٻيهر ڪورم جي ور چڙهي ويو ۽ سيالڪوٽ سانحي تي بحث نه ٿي سگهيو. جمعي تي قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ اڳوني سينيٽر مفتي عبدالستار جي لاڏاڻي تي فاتحه پڙهي وئي. اجلاس دوران بابر اعواڻ دوران پيش ٿيل سوالن جا وقفا ۽ ٻيا ايجنڊا معطل ڪرڻ ۽ سيالڪوٽ واقعي تي بحث جي رٿ منظور ڪئي وئي. بابر اعواڻ چيو ته هيٺيون ايوان ۽ مٿيون ايوان فوجداري قانونن جون ڪمزوريون ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. گذريل 10 کان 15 سالن ۾ پوليس جو حوصلو ڪمزور ٿيو آهي، پاڪستان ۾ قانون ۽ انصاف تي جيڪي سوال اٿي رهيا آهن، ان تي لاڳاپيل ادارا پنهنجو ڪردار ادا ڪن. سيالڪوٽ سانحي ۾ ملوث جوابدارن کي جلد سزائون ملي وينديون. هن چيو ته سيالڪوٽ واقعي ٻاهرين ملڪ پاڪستان جي چهري تي سوال اٿاريا، جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. بابر اعواڻ چيو ته جوابدارن جي خلاف چالان دهشتگردي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. اميد آهي ته پوليس 7 ڏينهن ۾ چالان عدالت ۾ پيش ڪندي. هن چيو ته عدالت قانون موجب جوابدارن کي سزا ڏيندي. پارلياماني معاملن واري صلاحڪار چيو ته اي پي ايس سانحي جا ڪجهه معاملا اڃا تائين عدالت ۾ پيا آهن. موٽر وي، زينب ۽ نور مقدم ڪيسن جا فيصلا جلد نه پيا ٿين. اجلاس دوران احسن اقبال چيو ته سيالڪوٽ سانحو دين جو فهم نه رکڻ تي ٻڌل قدم آهي، جنهن سان سڄي دنيا ۾ پاڪستان ۽ اسلام جو تشخص مجروح ٿيو آهي. ان تي پوري قوم ڏکايل آهي. هن چيو ته گهرو وزير هن واقعي تي پاليسي بيان ڏي. احسن اقبال چيو ته هن بحث کي سومر تائين ملتوي ڪيو ته جيئن لاڳاپيل وزيرن جي موجودگي ۾ هي بحث ٿئي. هن چيو ته هتي وزير موجود نه آهن لاڳاپيل وزيرن کي لازمي اچڻ گهرجي. ان دوران ڊاڪٽر درشن ڪورم جي نشاندهي ڪري ڇڏي ۽ ان سان گڏ ئي اپوزيشن ميمبر ايوان کان ٻاهر هليا ويا. ڊپٽي اسپيڪر ڳڻپ جو حڪم ڏنو ته ميمبرن جو گهربل انگ پورو نه هجڻ جي ڪري قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر جي شام 4 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button