اسلام آبادپاڪستان

گئس سستي نٿا ڏئي سگهون،عدالتي حڪم سبب طلب پوري نه پئي ٿئي:حماد اظهر

اسلام آباد : توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر گئس بحران جي ذميواري قبولڻ کان انڪار ڪندي ڪراچي ۾ گئس بحران جو ڪارڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي منع نامي کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته هڪ حد کان وڌيڪ گئس سستي نٿا ڏئي سگهون. عدالتي حڪم جي ڪري گهريلو صارفين جي طلب پوري نه ڪري رهيا آهيون. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حماد اظهر چيو ته گهرج وڌڻ سبب هر سال سياري ۾ نان ايڪسپورٽ جنرل انڊسٽري ۽ ڪيپٽو پاور پلانٽ جي بجلي ڪَٽي گهريلو واهپيدارن کي ڏيندا آهيون. هن سال سنڌ هاءِ ڪورٽ جي هڪ نه ٻن منع نامي جي حڪمن سبب ائين نه ڪري سگهياسين. ان حوالي سان ايم ڊي سوئي سدرن کي هدايت ڪئي آهي ته ڪيس جي تڪڙي شنوائي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست ڏي. هن چيو ته گئس جي سپلاءِ ايتري ئي آهي، سياري ۾ گهريلو واهپيدارن جي طلب ٽيڻ کان پنجوڻ تي ٿي وئي آهي. ڪراچي ۾ گئس بحران جو احساس آهي، شهر ۾ ٽيل اينڊ جي علائقن ۾ گئس پريشر جو مسئلو به آهي. جڏهن ته ملڪ ۾ ساليانو 9 سيڪڙو گئس گهٽجي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته جنوري ۾ ايل اين جي جا 10 کان 11 ڪارگو ايندا پر ايل اين جي عالمي مارڪيٽ ۾ ڏاڍي مهانگي آهي، تنهن ڪري مهانگي ايل اين جي گهريلو واهپيدارن کي نٿا ڏئي سگهون. ملڪ ۾ گئس ذخيرن ۾ ساليانو 9 سيڪڙو گهٽتائي اچي رهي آهي. واضح رهي ته ڪراچي سان واسطو رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن گئس بحران تي حماد اظهر کي خط لکي سخت احتجاج ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button