پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ گاڏي تي فائرنگ، تحريڪ انصاف جو ڪارڪن قتل

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي قائدآباد پُل ويجهو ڪار تي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. فائرنگ ۾ مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ خدا دوست عرف حيدر پٽ شاهه پرسان جي نالي طور ٿي، جڏهن ته زخمي جي سڃاڻپ 50 ورهين جي عمرزادا پٽ صاحب زادا جي نالي سان ٿي. پوليس موجب موٽر سائيڪل سوار جوابدارن گاڏي تي فائرنگ ڪري ڏني، واقعي جو سبب زميني تڪرار لڳي ٿو، مارجي ويل شخص جو مڙهه ۽ زخمي کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو. واقعي بابت پاڪستان تحريڪ انصاف جي صوبائي اسيمبلي جي ميمبر خرم شير زمان چيو ته قائد آباد واقعي ۾ مارجي ويل حيدر سواتي تحريڪ انصاف جو ڪارڪن هو، جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button