اسلام آبادپاڪستان

جسٽس عائشا ملڪ جو نالو سپريم ڪورٽ ۾ مقرري لاءِ ٻيهر تجويز

اسلام آباد :چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد هڪ ڀيرو ٻيهر پهرين عورت جج سپريم ڪورٽ ۾ آڻڻ لاءِ جسٽس عائشا ملڪ جو نالو تجويز ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس گلزار احمد پهرين عورت جج سپريم ڪورٽ ۾ آڻڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر جسٽس عائشا ملڪ جو نالو تجويز ڪيو آهي.
ذريعن موجب جڊيشل ڪميشن جو اجلاس 6 جنوري تي ٿيندو، جنهن ۾ جسٽس عائشا ملڪ کي سپريم ڪورٽ آڻڻ تي هڪ ڀيرو ٻيهر غور ڪيو ويندو. واضح رهي ته سيپٽمبر ۾ ٿيندڙ جڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ 4-4 جي شرح سان جسٽس عائشا ملڪ جي نالي جي منظوري نه ٿي سگهي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button