پاڪستانسنڌ

مسڻ وڏي ۾ 6 ٻارن جي ما خودڪشي ڪري ڇڏي

مسڻ وڏي: مسڻ ٿاڻي جي حد ٽيل موري جي رهواسڻ 42 سالن جي کيمي زال ڪانجي ڪولهي غربت سبب گهر ۾ ٿيندڙ اڻبڻت کان تنگ ٿي انب جي باغ ۾ ڪپڙو ٻڌي ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي، اھڙي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ٽنڊوالهيار اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو، آپگهات ڪندڙ عورت ڇھن ٻارڙن جي ماءُ هئي، لاش گهر پهچڻ تي گھر ۾ ڪهرام مچي ويو. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او نورالدين ملاح ٻڌايو ته عورت جي خودڪشي جو سبب گهرو اڻبڻت ۽ غربت ٻڌايو وڃي ٿو، ان باوجود جاچ ڪريون پيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button