پاڪستانسنڌ

نواجون جديد دور جي تقاضائن مطابق محنت ڪن: حيدرآباد ۾ سيمينار

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ نوجوانن لا تعليمي ۽ تربيتي سيمينار ڪوٺايو ويو، سنڌي لينگوئيج اٿارٽي جي ڊاڪٽر اين اي بلوچ ھال ۾ سماجي تنظيم ڊولپمينٽ الٽرنيٽوز فائونڊيشن (ڊيف) طرفان سنڌ حڪومت جي يوٿ افيئرس کاتي جي سھڪار سان سيمينار منعقد ڪيو ويو. “نوجوانن کي سڀاڻي جي اڳواڻي لا تيار ڪرڻ” عنوان تي ڪوٺايل سيمينار ۾ سنڌ يونيورسٽي جي انگريزي شعبي جي پروفيسر ۽ موٽيويشنل اسپيڪر ڊاڪٽر غلام علي ٻُرڙو، انڊس ريسورس سينٽر جي سماجي اڳواڻ ميڊم فرزانه ٻُرڙو، تعليمي ماھر احمد علي دل ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته نواجون جديد دور جي تقاضائن مطابق محنت ڪن، سياسي عمل ۾ متحرڪ حصو وٺن. هنن چيو ته عورتن کي برابري واري حيثيت ڏيڻ کانسوا معاشرو ترقي نٿو ڪري سگھي. پروگرام ۾ (ڊيف) جي ايسوسيئيٽ حبيب الله خاصخيلي آجياڻو پيش ڪيو ۽ (ڊيف) جي پروجيڪٽ مينيجر عبدالحق سومرو ۽ پروگرام آفيسر مقيم چانيھو مڃتا ايوارڊ ۽ اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ۽ تيرٿ ڪمار اسٽيج سيڪريٽري جا فرض سرانجام ڏنا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button