اسلام آبادپاڪستان

سريلنڪن شهري پريانٿا جي قتل خلاف گڏيل ٺهراءُ منظور/ٻڌايو وڃي ته طالبان سان ڳالهيون ڪهڙن شرطن تي ٿين پيون:سينيٽ ۾ تقريرون

اسلام آباد : سينيٽ ايوان سريلنڪن شهري پريانٿا ڪمارا جي قتل خلاف گڏيل ٺهراءُ منظور ڪري ورتو. سينيٽرن چيو آهي ته ايوان کي ٻڌايو وڃي ته تحريڪ طالبان سان ڳالهيون ڪهڙن بنيادن ۽ شرطن تي ٿي رهيون آهن، جيستائين رياست پارليامينٽ کي جوابدا نه هوندي، ان وقت تائين ملڪ اڳتي نٿو وڌي سگهي. ادارن ۽ پارليامينٽ کي ڄاڻي واڻي غيرفعال ڪيو پيو وڃي. ان ڏس ۾ جمعي تي سينيٽ اجلاس دوران قائد ايوان ڊاڪٽر شهزاد وسيم سريلنڪن شهري پريانٿا ڪمارا جي قتل تي گڏيل ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو ته سريلنڪن عوام ۽ مقتول جي خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته ايوان انتهاپسندي جي اهڙن واقعن جي مذمت ڪري ٿو. اهڙن واقعن سان اسان جي مذهب جو تعلق نه آهي. متن مطابق قرارداد جي ذريعي حڪومت کان گهر آهي ته واقعي ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري، جنهن کان پوءِ سينيٽ گڏيل طور تي ٺهراءُ پاس ڪري ورتو. چيئرمين سينيٽ چيو ته سينيٽ جو هڪ وفد سريلنڪن شهري سان تعزيت لاءِ سريلنڪا ويندو. ان کان اڳ اجلاس ۾ سينيٽر دنيش ڪمار اعتراض واري نقطي تي ڳالهائيندي چيو ته سڄي دنيا ۾ مسيحي برادري ڪرسمس جو ڏڻ ملهائي رهي آهي، ان کي مبارڪون ڏيون ٿا. قائداعظم محمد علي جناح جو ڄمڻ جو ڏينهن به آهي. قائداعظم محمد علي جناح پاران اقليتن جي حوالي سان چيل ڳالهه اسان لاءِ فرمان آهي، جنهن کان پوءِ سيالڪوٽ ۾ سريلنڪن شهري تي تشدد تي التوا رٿ تي بحث شروع ڪندي سينيٽر اعظم نظير تارڙ چيو ته اسان جي معاشري ۾ اڻ سهپ وڌي رهي آهي. 60 ۽ 70 ڏهاڪي ۾ اڻ سهپ ۽ شدت پسندي نه هئي. هن چيو ته سياسي مقصد حاصل ڪرڻ خاطر باقاعدي طور تي هي رويو جنرل ضياء جي دور ۾ عام ڪيو ويو. هن چيو ته سريلنڪن شهري جي واقعي کان اڳ سيالڪوٽ ۾ ٻن ڀائرن کي بي رحمي سان ماريو ويو. عوام ان جي وڊيو ٺاهي پر ڪنهن به هجوم کي نه روڪيو. هن ڪيس جي جوابدارن کي 2019 ۾ ڇڏيو ويو، هي سماجي بي حسي آهي، جنهن جي خلاف سڀني کي وڙهڻو پوندو. هن چيو ته قصور ۾ به زال مڙس جيڪي بٺي جا مزدور هئا، انهن کي بٺي ۾ وجهي ساڙيو ويو. قصور واقعي جي جوابدارن کي بري ڪيو ويو. ڪيترائي اهڙا واقعا ٿيا جنهن ۾ سزائون ٿيون ۽ بعد ۾ جوابدار آزاد ٿي ويا. سينيٽر رضا رباني خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ايوان ۾ ٻنهي پاسن کان سيالڪوٽ واقعي تي هڪ جهڙو خيال آيو. هن چيو ته پاڪستان جي رياست جو مطلب پاڪستان جي سول ۽ ملٽري بيوروڪريسي آهي. هن چيو ته 1974 کان اڄ تائين رياست جهادي جماعتن کي سپورٽ ڪيو. سياسي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پاڪستان کي ڪٿي بيهاريو ويو؟ اسان جي ثقافت جون پاڙون عرب ۾ ناهن، سنڌ ۾ آهن. هن چيو ته مقامي زبانن ۽ ثقافتن کي دٻائڻ لاءِ ٻاهريون ڪلچر آندو ويو، جيستائين اصل مسئلن کي ختم نه ڪيو وڃي چئلينجز ايندا رهندا. سينيٽ ۾ خطاب ڪندي رضا رباني چيو ته رياست کي ٻڌائڻو پوندو ته پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) سان ڪهڙي شرط تي جنگ بندي ٿي. ان جنگبندي باوجود پاڪ فوج جا آفيسر ۽ جوان شهيد ٿي رهيا آهن. هن چيو ته رياست هاڻي ڳجهي معاهدن جي متحمل نٿي ٿي سگهي. سول ۽ ملٽري بيوروڪريسي کي پارليامينٽ آڏو جوابدا ٿيڻو آهي. پارليامينٽ کي غير فعال بڻايو پيو وڃي. پارليامينٽ کي تڏهن استعمال ڪيو ويندو آهي، جڏهن رياست کي ان جي ضرورت هجي. هن چيو ته جنگبندي باوجود افغانستان ۾ مختلف گروپ منظم ٿي رهيا آهن، اخباري رپورٽ موجب افغان فورسز پاڪ افغان سرحد تي لڳل خاردار تارون لڳائي ڇڏيون آھن، ڇا پرڏيهي وزير ان معاملي بابت آگاهه ڪندو؟ اڳوڻي سينيٽ چيئرمين چيو آهي ته طالبان پاڪستاني فوج کي افغان سرحد تي ڪنڊيدار تار لڳائڻ کان روڪيو آهي، هو سرحد کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهن ته اسان ڇو اڳتي وڌي رهيا آهيون. پ پ سينيٽر چيو ته رياست وڌيڪ ڳجها معاهدا نٿي ڪري سگهي، نيشنل ايڪشن پلان تي پارليامينٽ ۾ ٻيهر بحث ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته ماڻهن کي گم ڪيو ويو، رياست انهن کي اهڙي هنڌ لڪائي ڇڏيندي آهي، جتان هنن جو پتو پوڻ مشڪل هوندو آهي، انتها پسند گروپن ڪراچي، لاهور، پشاور، سوات، مالاڪنڊ ۾ متبادل عدالتون ٺاهي ڇڏيون پر رياست چُپ رهي. جڏهن ته سينيٽر ساجد مير چيو ته هي واقعو ملڪ ۽ اسلام جي بدنامي جو سبب بڻيو. هن واقعي لاءِ مذمت جو لفظ به ننڍو آهي. سريلنڪن ٽيم تي جڏهن حملو ٿيو، ان وقت سريلنڪا جي حڪومت سٺي رويي جو مظاهرو ڪيو. سينيٽر فيصل جاويد چيو ته هن واقعي جي سمورن مڪتب فڪر وارن ماڻهن مذمت ڪئي. وزيراعظم عمران خان هن واقعي جو ترت ايڪشن ورتو. حڪومت ملڪ عدنان کي خراج تحسين پيش ڪيو، ڀارت ۾ اهڙا واقعا روز ٿيندا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button