اسلام آبادپاڪستان

ڪروڙن جي جعلي ٽيڪس ريفنڊز اسڪينڊل ۾ ايف بي آر جا آَفيسر ملوث

اسلام آباد :فيڊرل بورڊ آف روينيو(ايف بي آر) جي ان لينڊ روينيو سروس جا چار وڏا آفيسر ڪروڙين روپين جي جعلي ٽيڪس ريفنڊز اسڪينڊل ۾ ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، انهن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. وفاقي ٽيڪس محتسب پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب وفاقي ٽيڪس محتسب جي سوموٽو نوٽيس ذريعي ڪيل جاچ موجب ايف بي آر جي ان لينڊ روينيو جا گريڊ 21 جا آفيسر ۽ چيف ڪمشنر ڪارپوريٽ ٽيڪس آفيس لاهور چوڌري محمد طارق جيڪو هن وقت ايڊيشنل ڪمشنر آئي آر مقرر هو. گريڊ 21 جو ميمبر بي نامي ايڊجيوڪيٽنگ اٿارٽي سيد نديم حسين رضوي جيڪو هن وقت چيف ڪمشنر سي آر ٽي او لاهور مقرر هو ۽ هن وقت جي ڪمشنر سي آر ٽي او لاهور گريڊ 21 جي آفيسر ڊاڪٽر سرمد قريشي ۽ هن وقت جي ڊپٽي ڪمشنر آءِ آر اشفاق احمد چارئي آفيسرز گڏيل طور تي 12 ڪروڙ 33 لک 64 هزار روپين جي جعلي ٽيڪس ريفنڊز ۾ ملوث آهن. جاچ موجب ميسرز چائنا نيشنل اليڪٽرڪ وائر اينڊ ڪيبل امپورٽ اينڊ ايڪسپورٽ ڪارپوريشن ايسوسيئيشن آف پرنسز جي طور تي رجسٽرڊ ڪمپني آهي جنهن 2012 ۾ 2 ڪروڙ 61 لک 19 هزار روپين جي انڪم ٽيڪس ريفنڊ جو ڪيس داخل ڪيو. نان ريزيڊنٽ ڪمپني هجڻ جي ناتي 2012 لاءِ انڪم ٽيڪس ريفنڊز جو ڪليمز ناقابل قبول هجڻ گهرجي ها. پوسٽ آڊٽ رپورٽ مان خبر پئي آهي ته مذڪوره ڪمپني 2007، 2008، 2009 ۽ 2011 ۾ ٽيڪس ريفنڊز ڪليمز داخل ڪيا جيڪي 2 ڪروڙ 67 لک 78 هزار، 2 ڪروڙ 52 لک 64 هزار، 7 ڪروڙ 11 لک 51 هزار ۽ هڪ لک 79 هزار روپين جو آهي. وفاقي ٽيڪس محتسب ان آفيسرن کي فوري طور تي موجوده عهدن تان هٽائڻ ۽ انهن جي خلاف فوجداري ڪارروائي ڪرڻ جي ايف بي آر کي هدايت ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button