اسلام آبادپاڪستان

اسلام آباد ۾ به اومي ڪرون جو پهريون ڪيس سامهون اچي ويو

اسلام آباد:وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ به اومي ڪرون جو پهريون ڪيس سامهون اچي ويو. اين آءِ ايڇ ذريعن موجب اسلام آباد ۾ اومي ڪرون جو پهريون ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ ڪانٽيڪٽ ٽريسنگ جو عمل جاري آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اسلام آباد جي شهري ۾ اومي ڪرون جي تصديق ٿي آهي ۽ مريض جي ٻاهرين ملڪ ۾ ڪا ٽريول هسٽري ناهي. ذريعن موجب اومي ڪرون مريض جي رڳو ڪراچي جي ٽريول هسٽري آهي ۽ مريض جي حالت خطري کان ٻاهر آهي. واضح رهي ته پاڪستان ۾ اومي ڪرون جي پهرئين ڪيس جي تصديق 13 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ ٿي هئي، جتي هڪ عورت ۾ وائرس جي تصديق ٿي، جيڪا اسپتال ۾ علاج هيٺ رهڻ کانپوءِ صحتياب ٿي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button