اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم تحريڪ انصاف جي نئين تنظيمي ڍانچي جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنهنجي سياسي جماعت جي نئين تنظيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان ڪالهه سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته عمران خان پارٽي جي نئين تنظيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته رٿابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر تحريڪ انصاف جو نئون سيڪريٽري جنرل هوندو. جڏهن ته عامر محمود ڪياني کي پارٽي جو ايڊيشنل سيڪريٽري جنرل نامزد ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته پرويز خٽڪ خيبر پختونخوا، علي زيدي سنڌ، قاسم سوري بلوچستان، شفقت محمود پنجاب ۽ خسرو بختيار ڏکڻ پنجاب جا صدر هوندا. واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان خيبر پختونخوا ۾ مڪاني چونڊن جي پهرئين مرحلي ۾ شڪست کانپوءِ گذريل ڏينهن تحريڪ انصاف جو تنظيمي ڍانچو ٽوڙي ڇڏيو هو. ٻئي طرف قائد اعظم محمد علي جناح جي پيدائش واري ڏهاڙي تي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ وزير اعظم چيو آهي ته سندس حڪومت قائد اعظم جي وزن تحت ڪرپشن کان پاڪ معاشري ۽ پٺ تي پيل شهرين جي مدد جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. اسان جي ٻارن جي لاءِ اها فخر جي ڳالهه آهي ته اسان پاڪستان جهڙي آزاد ملڪ ۾ پيدا ٿيا آهيون. وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته محمد علي جناح ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي لاءِ ڌار ملڪ واري اهميت جو احساس ڪيو، جتي شهري عقيدي جي آزادي، پيشو، موقعا ملڻ سميت ٻيا حق رکندا هجن. قائد اعظم جي جهدو جهد کانسواءِ پاڪستان ڪڏهن به اسان جو مقدر نه بڻجي ها. هن چيو ته چئلينجن تي ضابطي جو واحد حل اتحاد، ايمان ۽ تنظيم جي نظرين تي عمل آهي. اسان جي حڪومت قائد اعظم جي نظريي موجب ڪرپشن کان پاڪ معاشري ۽ پٺ تي پيل شهرين جي مدد لاءِ ڪوششن ۾ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button