پاڪستانپنجاب

اڳوڻي مڙس آمريڪي عورت جي قتل جو اعتراف ڪري ورتو

راولپنڊي: پاڪستان ڄائي آمريڪي عورت وجيها سواتي واري ڪيس ۾ اڳوڻي مڙس رضوان حبيب جاچ دوران قتل جو اعتراف ڪري ورتو. جاچ ذريعن ٻڌايو آهي ته وجيها کي 16 آڪٽوبر تي قتل ڪيو ويو ۽ جوابدار رضوان لاش هنگو واري علائقي ۾ دفنائي ڇڏيو هو. جاچ ذريعن موجب جوابدار رضوان جي پيءُ کي به قتل ۾ مدد ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ آر پي او راولپنڊي جي هدايت تي پوليس ٽيم لاش هٿ ڪرڻ جي لاءِ هنگو رواني ٿي وئي. ٻئي پاسي سٽي پوليس آفيسر (سي پي او) راولپنڊي ساجد ڪياني پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته وجيها سواتي جو ڪيس جاچ هيٺ آهي، ان تي وڌيڪ نٿا ڳالهائي سگهون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button