اسلام آبادپاڪستان

شريف خاندان عدليا مٿان حملي جي منصوبا بندي ڪئي:شهزاد اڪبر

اسلام آباد:وزيراعظم جي خاص صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو آهي ته شريف خاندان عدليا مٿان حملي جي منصوبا بندي ڪئي، جيڪو ڪجهه به هو، اهو اعتراض جوڳو ۽ اڳ کان طئي ٿيل هو. وزيراعظم جي احتساب بابت صلاحڪار ٽوئيٽر پيغام ۾ چيو آهي ته انڪشاف ٿيو آهي ته نوازشريف راڻا شميم کان حلف نامي تي صحيحون ڪرايون. وڏو سوال اهو آهي ته صحافي کي اعتراض جوڳو حلف نامو ڪنهن ڏنو؟ راڻا شميم چيو هو ته حلف نامو سيف ۾ آهي، ڇا ان تي ڀروسو ڪري سگهجي ٿو. هوڏانهن ان معاملي بابت مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته راڻا شميم(ن) ليگ جي وڪيلن جي ونگ جو عهديدار آهي. اها ڳالهه ان جي پٽ پاڻ ٽي وي تي مڃي آهي. نوازشريف عدليا تي حملا ڪيا، حلفيا بيان به پنهنجي موجودگي ۾ قلمبند ڪرايو، اهو وڏو انڪشاف آهي. ان لاءِ ته کيس گاڊ فادر چيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button