اسلام آبادپاڪستان

آءِ ايم ايف جا شرط:350 ارب جي ٽيڪس ڇوٽ واپس وٺنداسين:شوڪت ترين

اسلام آباد:ناڻي واري صلاحڪار سينيٽر شوڪت ترين چيو آهي ته حڪومت 12 جنوري کان اڳ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جون شرطون پوريون ڪندي. ذريعن موجب وفاقي حڪومت اڱاري 28 ڊسمبر تي ترميمي فنانس بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪندو. ذريعن ٻڌايو آهي ته آءِ ايم ايف جي هڪ ارب ڊالر قرض جي قسط ترميمي فنانس بل سان مشروط آهي. جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ جي خودمختاري جو بل به فنانس بل سان گڏ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو. ٻئي طرف ناڻي واري صلاحڪار سينيٽر شوڪت ترين چيو آهي ته 12 جنوري تي آءِ ايم ايف ايگزيڪٽو بورڊ جي اجلاس ۾ ڇهين جائزه رپورٽ پيش ڪئي ويندي. شوڪت ترين چيو ته پاڪستان 12 جنوري کان اڳ آءِ ايم ايف جون شرطون پوريون ڪندو. ترميمي فنانس بل ۾ 350 ارب روپين جي ٽيڪس ڇوٽ واپس ورتي ويندي. ان حوالي سان ذريعن ٻڌايو آهي ته آءِ ايم ايف جي شرط آهي ته ترميمي فنانس بل اسيمبلي مان پاس ڪرائڻ ضروري آهي ان ڪري ترميمي فنانس بل آرڊيننس ذريعي لاڳو نه ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button