اسلام آبادپاڪستان

نون انڪشافن شريفن کي سيسلين مافيا ثابت ڪري ڇڏيو:فواد چوڌري

اسلام آباد: سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته گلگت بلتستان جي سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جج راڻا شميم حلف نامو نواز شريف جي آفيس ۾ انهن جي سامهون نوٽرائز ڪرايو. فواد چوڌري ٽوئيٽر تي ايڪسپريس ٽربيون جي خبر شيئر ڪئي ۽ ڪيپشن ۾ لکيو ته راڻا شميم حلف نامو نواز شريف جي آفيس ۾ انهن جي سامهون نوٽرائز ڪرايو. هن چيو ته نون انڪشافن هڪ ڀيرو ٻيهر شريف فيملي کي سيسلين مافيا ثابت ڪيو آهي. هن چيو ان مان ثابت ٿئي ٿو ته اهي ڪيئن مافيا جيان عدالتن، ادارن کي بليڪ ميل ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button