پاڪستانسنڌ

شهدادپور ۾ 2 نوجوان 4 ڏينهن کان گم، مظاهرو

شهدادپور: شھدادپور جي جٽيا علائقي مان 4ڏينهن کان گم 2 نوجوانن عبدالڪريم رند ۽ محمد يوسف شر جي بازيابي لاءِ وارثن پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي حضوربخش رند، ولي محمد شر، جسقم اڳواڻ وزير ڪلهوڙو، ايڊووڪيٽ آصف انڙ ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته عبدالڪريم رند ۽ يوسف شر 4 ڏينهن کان گم آهن، اسان پوليس ڏانهن وياسين، پر پوليس مدد ڪرڻ لا تيار ناهي. هنن خدشو ظاهر ڪيو ته اسان جي نوجوانن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي يا کين اغوا ڪيو ويو آهي. هنن گهر ڪئي ته نوجوانن کي فوري طور بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button