پاڪستانسنڌ

ڪارونجهر قومي اثاثو، بين الاقوامي تفريحي ماڳ، ليزون رد ۽ ڪٽائي بند ڪرائڻ لا لانگ مارچ جو اعلان

مٺي: مٺي ۾ ٿر سجاڳ سٿ پاران ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف ڪوٺايل “ڪارونجهر ڪانفرس” ۾ سياسي سماجي، مذھبي ڌرين ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن ڪارونجهر جي نيلامي جو ذميوار سنڌ سرڪار کي قرار ڏنو ۽ ڪارونجهر جو ليزون رد ڪرائي پٿر جي ڪٽائي بند ڪرائڻ لا روز جي بنياد تي احتجاج جاري رکڻ ۽ ٻئي مرحلي ۾ ڪارونجهر کان مٺي تائين لانگ مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪندي ڪارونجهر کي قومي اثاثو ۽ بين الاقوامي تفريح ماڳ قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. پارڪر هال مٺي ۾ ڪوٺايل “ڪارونجهر ڪانفرنس” ۾ ايس يو پي جي امير آزاد پنهور، پي ٽي آ جي ڪرشن شرما، عوامي تحريڪ جي اوڀايو جوڻيجو، ايس ٽي پي جي گهنشام مالهي، جسقم آريسر جي ارباب ڀيل، ليکڪ خالد ڪنڀار، ڪارونجهر سجاڳ سٿ جي الهرکيو کوسو، ذوالفقار کوسو، نواز ليگ جي نيلم ڪماري، ورڪر پارٽي جي رمضان دل، اي جي پي جي سومار راهمون، سنڌ سڀا جي لطيف اياز، وڪيل اڳواڻ ڀورو ڪولهي، سينيئر صحافي ممتاز نهڙيو، غازي بجير، شمس مڱريو، ٿر سجاڳ سٿ جي فقير ارشاد ڪنڀار، سالم سميجو، الماس نهڙيو، آڪاش هميراڻي، ليکڪ دستگير ڀٽي، ڌيال سحرائي، ڪبير ڀيل، ڀيمراج، پيارو شواڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڪانفرنس کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڪارونجهر جي پٿر جون ليزون جاري ڪري قومي ورثي جي قتلام جي ذميوار سنڌ سرڪار آھي، جنهن ڪارونجهر جهڙي قومي، قديمي، تاريخي ورثي ۽ مزاحمتي مورچي کي نيلام ڪري عوام جي جذبن ۽ احساسن سان کيڏيو آھي، حڪومت جي اهڙي عمل خلاف سمورو ٿر سراپا احتجاج بڻيل آھي، پر حڪمران انڌا، گونگا ۽ ٻوڙا بڻيل آھن، ڪارونجهر رڳو پٿر جو ٽڪرو نه پر قومي ورثو ۽ تاريخ جو مزاحمتي مورچو هجڻ سان گڏ فطرت ۽ جهنگلي جيوت جي آمجگاهه توڙي 5 لک انساني آبادي جي روزگار جو وسيلو آھي، ڪارونجهر جبل ۾ عوام جي مذھبي عقيدن سان گڏ ڪيتريون ئي تاريخي ۽ مزاحمتي تحريڪن جون يادون آھن، جنهن کي ڪجهه ٽڪن عيوض ليز تي نيلام ڪرڻ انساني زندگين ۽ فطرت سان هٿ چراند ڪرڻ ۽ قومي غداري سمجهون ٿا، جنهن خلاف رت جي آخري ڦڙي تائين مزاحمتي تحريڪ جاري رکي ويندي. هنن چيو ته ڪارونجهر جي قتل ۾ شامل سمورن ويڪائو ڪردارن کي قومي غدار قرار ڏئي انهن جو سوشل بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي. سڌريل قومون پنهنجن تاريخي ۽ تهذيبي ورثن تي اوچي ڳاٽ سان فخر ڪنديون آھن، پر اسان جا حڪمران اهڙن ورثن کي نيلام ڪري رهيا آھن. هنن چيو ته ڪارونجهر جي نيلامي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي ۽ فطرت دشمن قوتن سان فيصلائتي ويڙھه ڪري مقامي چونڊيل نمائندن جو گهيرا ڪيو ويندو، پ پ سرڪار هڪ ڪمرشل ڪمپني بڻجي وئي آھي ۽ مقامي چونڊيل نمائندا وسيلا وڪڻڻ لا سيلز مين بڻيل آھن. هنن چيو ته ڪارونجهر جي ڪٽائي بند نه ٿي ۽ ليزون رد نه ٿيون ته هڪ وڏي مزاحمت جنم وٺندي ۽ حالتن جي ذميوار سرڪار هوندي. هنن مطالبو ڪيو ته ڪارونجهر جبل جي پٿر جون جاري ڪيل ليزون فورن رد ڪيون وڃن ۽ ڪارونجهر کي قومي ورثو ۽ بين الاقوامي تفريح ماڳ ڊڪليئر ڪيو وڃي، ڪارونجهر جبل جو فطري حسن توڙي جهنگلي جيوت جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي، ان سان گڏ ٿر جي سمورن وسيلن جي مالڪي جو حق مقامي ماڻھن کي ڏنو وڃي. تاريخي ۽ تهذيبي ورثن سان هٿ چراند بند ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ روز احتجاج جاري رکيو ويندو ۽ ٻئي مرحلي ۾ ڪارونجهر کان مٺي تائين پيادل لانگ مارچ ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button