پاڪستانسنڌ

جهڏو ۾ ڪارونجهر جي ڪٽائي خواف عوامي تحريڪ جي ريلي

جهڏو: جهڏو ۾ ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي خلاف عوامي تحريڪ تعلقي جهڏو پاران عوامي نگر پاڙي کان اڳواڻن اياز کوسو، ممتاز جوڻيجو، اميربخش جروار، ايڊووڪيٽ ممتاز کوسو ۽ محب ڀيل جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي پراڻي نيشنل چوڪ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن دوران ڪارڪنن نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ سرڪار مجرماڻي نموني سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب جو سودو ڪري رهي آهي، ڪارونجهر سنڌ جي سونهن آهي، سنڌ جي عاليشان تهذيب جا آثار هتي مليا آهن، ڪارونجهر کي ڪنهن به صورت ۾ ڪٽڻ نه ڏنو ويندو، حڪمرانن جيڪڏهن ڪارونجهر جي ليز رد نه ڪئي ته سنڌ جا ڪروڙين ماڻهو حڪمران جماعت لاءِ سنڌ نوگو ايريا بڻائي ڇڏيندا. ڪارونجهر جبل جي وڪري ۾ ٿر جا مقامي چونڊيل نمائندا به ملوث آهن، انهن کي به معاف نه ڪيو ويندو. هنن مطالبو ڪيو ته ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي بند ڪري ليزون رد ڪيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button