اسلام آبادپاڪستان

ملڪ ۾ وڌيڪ ٻه ماڻهو فوت، 358 نوان ڪرونا ڪيس رپورٽ

اسلام آباد:) ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا هاڪاري ڪيسن جي شرح 0 ڏهائي 68 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ۽ 358 ماڻهن ۾ ڪرونا ڪيس رپورٽ ٿيا. اين سي او سي جي انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 358 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. وڌيڪ 2 ماڻهو هن وبا وگهي فوت ٿي ويا ۽ وڌيڪ 446 مريض صحتياب ٿي ويا. جڏهن ته ملڪ ۾ اسپتالن، قرنطينا سينٽرز، وينٽي ليٽرز ۽ گهرن ۾ ڪرونا وائرس جا 9 هزار 674 مريض علاج هيٺ آهن جن مان 631 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جون وڌيڪ 52 هزار 50 ٽيسٽون ڪيون ويون. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 13 لک 36 هزار 509 ماڻهن کي ڪرونا وائرس جي ويڪسين ڏني وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button