پاڪستانسنڌ

شيخ ڀرڪيو لڳ زميني تڪرار تان جهيڙو، فائرنگ ۾ پيرسن عورت قتل ٿي وئي

شيخ ڀرڪيو: شيخ ڀرڪيو ٿاڻي جي حد جلال موري ڀرسان ڳوٺ شير خان ٽنگڙي ۾ ٻن ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ ۾ پيرسن عورت قتل ٿي وئي، خبر موجب شيخ ڀرڪيو ٿاڻي جي حد جلال موري لڳ ڳوٺ شير خان ٽنگڙي ۾ ٻن ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران فائرنگ ۾ هڪ عورت حوا زال پير بخش ٽنگڙي موقعي تي قتل ٿي وئي آهي.

اطلاع ملڻ تي ايس ايڇ او شيخ ڀرڪيو پوليس نفري ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ تي پهچي مقتولا عورت جو لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لا سول اسپتال ٽنڊو محمد خان روانو کڻي ويا، ٻئي طرف مقولا عورت جي مڙس پيربخش ٽنگڙي صحافين سان ڳالهائندي الزام هنيو ته اسان جو برادري ۾ زمين جو تڪرار پراڻي وقت کان هلندڙ آھي، بااثر جوبدارن عارب ٽنگڙي ۽ سانوڻ ٽنگڙي زمين تي حملو ڪري منهنجي گهرواري کي بندوق جا سڌا فائر ڪري موقعي تي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن.

جڏهن ته شيخ ڀرڪيو ٿاڻي تي جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن مقولا عورت جو لاش پوسٽ مارٽم بعد گهر ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button