پاڪستانسنڌ

چوھڙ جمالي ۾ زرعي ڀاڻ ۽ سورج مکي ٻج جي هٿرادو کوٽ خلاف ريلي ڪڍي وئي

چوهڙ جمالي: چوھڙ جمالي ۾ آبادگارن پاران زرعي ڀاڻ ۽ سورج مکي ٻج جي هٿرادو کوٽ خلاف سيد محبوب حسين شاھه، رحيم بخش جمالي، غلام علي صديقي، اقبال عباسي، لونگ چانڊيو، اياز آخوند، سيد گل حسن شاھه، حاجي احمد لاکاٽيو، حڪيم جمالي، نواز جهولائي، علي نواز جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽائون ڪميٽي کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته شاهبندر تعلقي جا ماڻھو اڳ ۾ ئي بک ۽ بدحالي جو شڪار آھن، هتان جو آبادگار پاڻي جي کوٽ سميت مختلف مسئلن جو شڪار رهيو آھي، تازو سنڌ سميت شاهبندر تعلقي ۾ زرعي ڀاڻ ۽ سورج مکي جي ٻج جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري آبادگار طبقي کي پريشان ڪيو پيو وڃي.

زرعي ڀاڻ جي ڊيلرن پاران هٿ وٺي ڀاڻ ۽ ٻج جو ذخيرو لڪائي بليڪ تي وڪرو ڪيو پيو وڃي. واپارين پاران 1750 روپين واري ڀاڻ جي في ٻوري 3000 ۾ ڊي اي پي 9000 ۾ سورج مکي جو ٻج 3 هزار روپيه ڪلو وڪرو ڪري زميندارن سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته ڀاڻ ۽ ٻج جي هٿرادو کوٽ ختم ڪري بليڪ تي وڪرو ڪندڙ ڊيلرز خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button