پاڪستانسنڌ

شيخ اياز جي 24 ھين ورسي سڀاڻي ملهائي ويندي، تياريون مڪمل

ڀٽ شاهه: سنڌ جي مهان ڪوي شاعر شيخ اياز جي 24 ھين ورسي سڀاڻي 28 ڊسمبر تي ڀٽ شاھه جي ڪراڙ ڍنڍ جي ڪپ تي ملھائي ويندي، شيخ اياز يادگار ڪميٽي پاران هر سال جيان ديوان گاگن داس جي اڳواڻي ۾ اديبن، دانشورن، شاعرن، صحافين ۽ مختلف سياسي، سماجي اڳواڻن پاران مزار تي گلن جي چادر چاڙهي تقريب منعقد ڪئي ويندي.

شيخ اياز يادگار ڪميٽي جي چيئرمين ديوان گاگن داس پاران سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ رھندڙ اديبن، شاعرن ۽ قومپرست اڳواڻن کي ورسي تقريب ۾ شرڪت جون دعوتون پڻ ڏنيون ويون آھن.

جڏهن ته ثقافت کاتي طرفان به صوبائي وزير سيد سردار شاهه، سيڪريٽري ثقافت محمد رحيم سومرو، ڊپٽي ڊائريڪٽر رحمت الله راڄڙ، غلام مجتبى جوکيو، نالي وارو اديب جامي چانڊيو، مدد علي سنڌي، ڊاڪٽر اسحاق سميجو، تاج جويو، محمد علي مانجهي، نصير مرزا ۽ ٻيا شيخ اياز جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهيندا ۽ مشاعرو منعقد ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button