پاڪستانسنڌ

سينيئر صحافي ۽ ليکڪ پاويل جوڻيجو هميشه لا وڇڙي ويو

ميهڙ: ميهڙ جو سينيئر صحافي ۽ ليکڪ پاويل عرف الھڏنو جوڻيجو ڪيترن ئي سالن کان جگر ۽ شگر جي بيماري ۾ مبتلا رهڻ بعد گذريل ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويو. پاويل جي اوچتو طبيعت خراب ٿيڻ تي وارثن کيس لاڙڪاڻي اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪرايو، جتي هن 60 ورھين جي ڄمار ۾ دم ڏنو. پاويل جوڻيجو جي اوچتي وڇوڙي تي ميھڙ سميت سڄي سنڌ جي صحافين ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ڏک جو اظهار ڪيو. سينيئر صحافي پاويل جوڻيجو جو مڙھه ميھڙ لڳ اباڻي ڳوٺ گهاڙي آندو ويو، جتي جنازي نماز بعد کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو. مرحوم جي جنازي نماز ۾ حيدرآباد، دادو، جوهي، ميهڙ ۽ سنڌ جي ٻين شهرن مان صحافين اقبال ملاح، نجم الدين جوڻيجو، امتياز چانڊيو، فتاح شيخ، سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل ضلعي دادو جي جنرل سيڪريٽري حاڪم لغاري، تعلقي ميھڙ جي صدر عبدالرحمان قمبراڻي، ضلعي اڳواڻ عبدالغني ميراڻي، منظور مهيسر، مير صابر ڪولاچي، ارشاد کوسو، ايڇ يو جي ضلعي جنرل سيڪريٽري بابو عبداللہ سومرو، شبير سومرو، نواب منگي، علي گل کوسو، رياض ڪولاچي، اڪبر ڪانڌڙو، قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ وڪيل منور جتوئي، شبير چانڊيو، ساجد سوڍر ۽ نظير ڪلھوڙو سميت سياسي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. هوڏانهن مرحوم جي پٽ احسان جوڻيجو، ڀا عبدالحليم جوڻيجو ۽ وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آھي. سينيئر صحافي، ليکڪ ۽ اديب پاويل جوڻيجو ڪالمن، ڪھاڻين ۽ سنڌي ادب جي ٻين صفن تي 14 کان وڌيڪ ڪتاب لکي سنڌي ادب ۾ واڌارو ڪرڻ سان گڏ سياست ۽ صحافت ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. سينيئر صحافي پاويل جوڻيجو 2 شاديون ڪيون، کيس احسان، فيضان ۽ ڪامران جوڻيجو سميت 7 پٽن ۽ 3 نياڻين جو اولاد آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button