اسلام آبادپاڪستان

ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، 291 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد :ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 3 ڄڻا فوت ۽ 291 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. ملڪ ڪرونا مريضن جي حوالي سان تيار ڪيل لسٽ ۾ 34 نمبر تي اچي ويو. اين سي او سي جي انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 291 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. وڌيڪ 3 ماڻهو هن وبا وگهي فوت ٿي ويا ۽ وڌيڪ 229 مريض صحياب ٿي ويا. جڏهن ته هاڪاري ڪيسن جي شرح 0 ڏهائي 69 سيڪڙو تي اچي وئي. پاڪستان ۾ هن وقت تائين 28 هزار 912 ڪرونا وائرس جا مريض لاڏاڻو ڪري چڪا آهن. ڪل مريضن جو انگ 12 لک 94 هزار 31 ٿي چڪو آهي. جڏهن ته ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جا 9 هزار 915 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 636 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جون وڌيڪ 41 هزار 869 ٽيسٽون ڪيون ويون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button