اسلام آبادپاڪستان

هتي وڏي ماڻهو جي هر شئي ريگيولرائيز ٿي وڃي ٿي:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته وڏي ماڻهو جي هر شئي ريگيولرائيز ٿي وڃي ٿي ۽ غريب جي جهڳي هجي ته سڀ قانون ٻڌائين ٿا. هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ ڊفينس ڪمپليڪس ٻاهران ڀت جي اڏڻ جي ڪيس جي شنوائي ٿي. ان سلسلي ۾ ايڊيشنل اٽارني جنرل، سي ڊي اي عملدار ۽ ٻيا عادلت ۾ پيش ٿيا. ان دوران جسٽس اطهر من الله چيو ته جيڪي عملدار آئيني ذميواري پوري ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا، انهن خلاف ڪارروائي ڇو نه ڪئي وڃي؟ اوهان کي انهن شهيدن جو به احساس نه آهي جن قربانيون ڏنيون. هر ڀيري قانون ٽوڙيو وڃي ٿو ۽ انهن شهيدن جي تذليل ڪئي وڃي ٿي. چيف جسٽس چيو ته ڊفينس ڪمپليڪس کي قانون خلاف ديوار بنائڻ جي اجازت ڪنهن ڏني؟ ڇا اوهان قانون ٽوڙِي سگهو ٿا. سي ڊي اي صرف اچي چوي ٿو ته اسان نوٽيس ڪري ڇڏيا آهن. عدالت وفاقي حڪومت ۽ بچاءُ واري سيڪريٽري کي هدايت جاري ڪري رهي آهي، جاچ ۽ ذميوارن جو تعين ڪري عدالت کي باخبر ڪيو وڃي. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته وڏي ماڻهو جي هر شئي ريگيولرائيزڊ ٿي وڃي ٿي ۽ غريب جو جهوپڙو هجي ته سڀ قانون ٻڌايا وڃن ٿا. امير جي هجي ته نقشا کڻي اچن ٿا. هي عدالت هاڻي ڪنهن هڪ غريب جو جهوپڙي به ڪيرائڻ نه ڏيندي. عدالت سي ڊي اي عملدارن کي حڪم ڏنو ته وڃو ۽ گالف ڪورس جي غيرقانوني حددخلين جون قبضو واپس وٺو. غيرقانوني اڏاوت جو قبضو وٺي ايندڙ شنوائي تي عدالت کي آگاهه ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button