اسلام آبادپاڪستان

آئي ايم ايف کان هڪ ارب ڊالر وٺڻ لاءِ مني بجيٽ اڄ قومي اسيمبلي ۾ پيش ٿيندي

اسلام آباد :وفاقي حڪومت تصديق ڪئي آهي ته آئي ايم ايف کان هڪ ارب ڊالر کان وڌيڪ قسط وٺڻ لاءِ مني بجيٽ اڄ اربع تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي ويندي. تفصيل موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس هڪ ڏينهن وقفي کانپوءِ اڄ اربع تي 3 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو. سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مطابق ڪابينا جي منظوري کان پوءِ مني بل اڄ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو. اپوزيشن جي احتجاج جي حوالي سان هن چيو ته جڏهن بجيٽ پيش ٿيڻي هوندي آهي ته مخالف ڌر اهڙيون ڳالهيون ڪندي آهي. جڏهن به ڪائي اهم قانونسازي اچي ٿي ته اپوزيشن پنهنجو ڌنڌو شروع ڪري ڏي ٿي. جيڪڏهن ان وٽ آئي ايم ايف کان علاوه ٻيو ڪوئي آپشن آهي ته ٻڌائي. زرداري ۽ نوازشريف جي پيدا ڪيل مسئلن جي ڪري آئي ايم ايف وڃڻو پيو آهي. ٻئي پاسي ناڻي واري وزير سينيٽر شوڪت ترين مطابق 12 جنوري تي آئي ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورد جي اجلاس ۾ ڇهين جائزي واري رپورٽ پيش ڪئي ويندي. شوڪت ترين مطابق پاڪستان 12 جنوري کان اڳ آئي ايم ايف جا شرط پورا ڪندو. ترميمي فنانس بل ۾ 350 ارب رپين جي ٽيڪس ڇوٽ واپس ورتي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button