اسلام آبادپاڪستان

پاڪستان ۾ اوميڪرون جي 75 ڪيسن جي تصديق ٿي وئي

اسلام آباد :پاڪستان ۾ اوميڪرون جي 75 ڪيسن جي تصديق هڪ دفعو ٻيهر معاشي سرگرميون معطل ٿيڻ جا خدشا وڌي ويا آهن. اطلاعن مطابق صحت واري قومي اداري پاڪستان ۾ اوميڪرون جي 75 ڪيسن جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان تفصيل جاري ڪندي چيو ته اوميڪرون جا اسلام آباد ۾ 17، ڪراچي 33، لاهور 13 ۽ 12 ڪيس ٻاهرين ملڪ مان آيل ماڻهن ۾ رپورٽ ٿيا. خبر موجب صحت واري قومي اداري ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته پاڪستان ۾ اوميڪرون جي 75 ڪيسن جي تصديق ٿي چڪي آهي. اداري هدايت ڪئي آهي ته لاڳاپيل ادارا اميڪرون جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ ڪانٽريٽ ٽريسنگ ڪري رهيا آهن. جڏهن ته سمورا شهري ڪرونا جي خاتمي لاءِ ويڪسينيشن مڪمل ڪرائين. ٻئي پاسي نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشنز ۽ ڪوآرڊينيشن وزارت چيو آهي ته ملڪ ۾ 15 ڪروڙ 19 لک 51 هزار 87 ماڻهن جي ويڪسينيشن ٿي چڪي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ پاڪستان ۾ 13 لک 58 هزار 181 ماڻهن کي ڪرونا وائرس کان تحفظ جي ويڪسين لڳائي وئي آهي. جڏهن ته وفاقي حڪومت ڪرونا وائرس جي نئين قسم اوميڪرون سبب معيشت تي ناڪاري اثر پوڻ جا خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا. حڪومت جي رپورٽ موجب عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمت تمام گهڻي گهٽ ٿي. ناڻي مٽا سٽا جي قيمت ۾ ڪمي جو رجحان برقرار رهيو. جڏهن ته حڪومت جي پرڏيهي شين جي قيمتن ۾ مسلسل اضافي جي خلاف ڪوشش جاري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button