پاڪستانسنڌ

مقصودورند ۾ تقريب، قومي گيتن سان شيخ اياز کي ڀيٽا

مقصودورند: مقصودورند ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ مقصودورند طرفان سنڌ جي مهان قوي شاعر شيخ اياز جي ورسي جي موقعي تي تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب جي صدارت صوفي راڳي رضا محمد بروهي ڪئي، خاص مهمان سنڌي ادبي سنگت ضلعي سانگهڙ جو رابطا سيڪريٽري، صحافي ۽ ليکڪ بهادر رند، احسان علي رند، استاد حق نواز رند ۽ ٻيا ھئا. تقريب دوران شيخ اياز جي تصوير آڏو ميڻ بتيون ٻاري قومي گيتن سان کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي. تقريب ۾ بهادر رند، استاد حق نواز رند، شوقين علي رند، ولي محمد ڏاهري، الھڏتو عرف قاضي، مير حسن رند، نيشنل پريس ڪلب جي سرپرست رحيم داد رند، صدر خير محمد رند، شوقين علي رند، غلام قادر عرف گل رند، ظهور حسين رند ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته شيخ اياز مهان شاعر هجڻ سان گڏ هڪ وڏو اديب ۽ تعليمدان هو، هن جون ادبي خدمتون تاريخ جي سنهري دور جو حصو آهن، هو سنڌ جي ماڻهن لا قومي گيتن ۽ شاعري وسيلي سنڌ جي حقن جي ترجماني ڪري سدائين لا امر ٿي ويو. تقريب دوران شفيع محمد ڏاهري ۽ غلام قادر عرف گل رند قومي گيت ڳائي اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن کي موهي وڌو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button