پاڪستانسنڌ

مسڻ وڏي ۾ گٽر اٿلي پيا، شاگرد گندي پاڻي مان گذرڻ لڳا

مسڻ وڏي: مسڻ وڏي ۾ صفائي نه ٿيڻ ۽ انتظاميا جي نااهلي سبب گٽر اٿلي پيا، جنهن سبب گندو پاڻي روڊن تي جمع ٿي ويو. گرلس ھا اسڪول، بوائز ها اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون، مولوي عبدالڪريم لغاري انگلش اسڪول ۽ مولوي عبدالڪريم لغاري پرائمري اسڪول جا معصوم ٻارڙا گٽر واري پاڻي مان گذرڻ تي مجبور آھن، شهري به آزار ۾ اچي ويا آهن. ضلعي انتظاميا ٽنڊوالهيار ۽ ٽي ايم او جهنڊو مري گندو پاڻي نيڪال نه ڪرايو. گذريل چار مهينن کان ملاح پاڙي، مولوي پاڙي، اقليتي ڪالوني، پراڻي بازار، ڪنڊي پاڙي ۽ غازي پاڙي جي صفائي نه ٿي سگهي. رهواسين قاصر ملاح، چيتن مهراج، اشرف لغاري، علاؤالدين ڪنڀر، شوڪت الزمان ۽ ٻين ڊي سي ٽنڊوالهيار کان مطالبو ڪيو ته شھر ۾ جلد صفائي ڪرائي گندو پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button