پاڪستانسنڌ

ڊگهڙي ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ۽ بليڪ تي وڪري خلاف آبادگارن جو ڌرڻو

ڊگھڙي: ڊگهڙي ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ۽ بليڪ تي وڪري خلاف سنڌ آبادگار اتحاد جي سڏ تي آبادگار روڊن تي نڪري آيا. سنڌ آبادگار اتحاد جي ضلعي صدر چوڌري سيف الله گل، تعلقي صدر ڪاشف اڪبر جوڻيجو، مير ظفرالله ٽالپر، ٽيل آبادگار ايسوسيئيشن جي اڳواڻ نصير احمد رمداڻ، چوڌري نويدگل، جمال شاهھ، خيرمحمد چانڊيو، سليمان نوحاڻي، محمد عمران آرائين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ زبردست نعريبازي ڪئي. ڌرڻي سبب ميرپورخاص-ڊگهڙي روڊ بلاڪ ٿي ويو ۽ گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري زراعت کي تباھه ڪيو وڃي پيو، هن وقت ڀاڻ بليڪ تي مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪري آبادگارن کي ٻنهي هٿن سان لٽيو وڃي پيو، ڊيلر مافيا جي ڦرلٽ تي تعلقي انتظاميا خاموش آهي، انتظاميا ڊيلر مافيا سان ملي ڀڳت ڪري بااثر آبادگارن کي رات پيٽ ۾ ڀاڻ پهچائي رهي آهي، پر ننڍو آبادگار سخت پريشان آهي، پاڻي جي وارا بندي ۽ ڀاڻ نه ملڻ ڪري ڪڻڪ، توريو ۽ ٻيا قيمتي فصل سخت متاثر ٿي رهيا آهن، جنهن ڪري هن سيزن ۾ ڪڻڪ جي اپت پنجاهھ سيڪڙو گهٽ ٿيندي ۽ اٽي جو وڏو بحران پيدا ٿيندو، ڊيلرن کي رات پيٽ ۾ ڀاڻ ملي رهيو آهي، پر ڊيلر ڀاڻ بااثر آبادگارن لا پنهنجي گدامن ۾ ذخيرو ڪري لڪائي رکن پيا، في ٻوري تي 15 سئو رپيا وڌيڪ ورتا پيا وڃن. هنن گهر ڪئي ته ڊيلرن خلاف قدم کڻي ڀاڻ ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button