اسلام آبادپاڪستان

راڻا شميم سميت سمورن جوابدارن تي 7 جنوري تي فرد جرم لاڳو ٿيندو

اسلام آباد؛اڳوڻي چيف جج راڻا شميم جي حلفي بيان بابت توهين عدالت ڪيس ۾ سمورن جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 7 جنوري جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جج راڻا شميم جي حلفي بيان بابت ڪيس جي شنوائي ٿي، جنهن دوران راڻا شميم، اٽارني جنرل ۽ انصار عباسي عدالت ۾ پيش ٿيا، جنهن دوران راڻا شميم جو اصل حلفي بيان مهر لڳل لفافي ۾ پيش ڪيو ويو. چيف جسٽس اطهر من الله وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته عدالت چاهي ٿي ته هي اوهان جي سامهون کوليو وڃي، اوهان ئي ڏسو هن ۾ ڇا آهي؟ هي اسان کي ڪوريئر ذريعي مليو، ڏسو ۾ هن ۾ ڪنهن ٻئي جو خط نه هجي. ان تي لطيف آفريدي چيو ته لفافو آئون نه کوليندس، عدالت گهرايو آهي، اها ئي کولي. اٽارني جنرل چيو ته راڻا شميم کي ٻڌائڻو آهي ته ڪنهن جي سامهون حلفي بيان رڪارڊ ڪرايو، اهو به ٻڌائي ته هي حلفي بيان ڪيئن ليڪ ٿيو؟ حلفي بيان جنهن رڪارڊ ڪيو، ان کان ئي لفافو کولرائڻ گهرجي. ان موقعي تي عدالت اصل حلفي بيان راڻا شميم جي وڪيل جي حوالي ڪري کولڻ جو حڪم ڏنو، جنهن تي لطيف آفريدي موقف پيش ڪيو ته آئون اصل مهر لڳل لفافلو نه کوليندس. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته خبر ناهي هن مهر لڳل لفافي ۾ ڇا آهي، اوهان جي موڪل هي ڪوريئر ذريعي اماڻيو آهي. اوهان کولڻ کان ڇو لنوائي رهيا آهيو؟ چيف جسٽس راڻا شميم کي اصل حلفي بيان کولڻ جي هدايت ڪئي، جنهن بعد لفافو راڻا شميم جي حوالي ڪيو ويو. راڻا شميم عدالت ۾ چيو ته تصديق ڪيان ٿو ته هي منهنجو ئي حلفي بيان آهي، جيڪو مون مهر هڻي بند ڪيو. هي ڪوريئر سروس نه پر مون ئي مهر هڻي بند ڪيو هو، ڪوريئر سروس رڳو لفافي ۾ وڌو آهي. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته هڪ چوڻي ٺاهي وئي آهي ته عدالتون ڪمپرومائزڊ آهن، راڻا شميم جيڪو جواب داخل ڪرايو ان تي سمورو بار انصار عباسي تي وڌو ويو آهي. هن اهو به چيو ته نوٽري پبلڪ کان به هي دستاويز ليڪ ٿي سگهي ٿو. هي معاملو رڳو اڳوڻي چيف جسٽس پاڪستان ثاقب نثار بابت ناهي. حلفي بيان هڪ عدالت کي شڪي بڻائي ڇڏيو آهي، هڪ اهڙو بيانيو آهي، جنهن کي هر ڪو سچ سمجهي رهيو آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سنجيده معاملو آهي، ان ڪري ڪورٽ ايترا عدالتي معاون مقرر ڪيا آهن يا اوهان ثابت ڪيو ته واقعي ڪورٽ ڪمپرومائزڊ آهي. اٽارني جنرل خالد جاويد دليل ڏنا ته راڻا شميم ان ڪيس ۾ توهين عدالت جو ذميوار آهي، ٽن ڏينهن کان اها ڳالهه ٿي رهي آهي ته حلفي بيان ڪنهن آفيس ۾ رڪارڊ ڪرايو ويو پر حيرت آهي ته ان جي ڪا ترديد به ناهي آئي. حلفي بيان جي سمورن جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو وڃي.جسٽس اطهر من الله سوال ڪيو ته ٻڌايو عدالت هنن حالتن ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي ڪارروائي ڇو نه ڪري؟ بعد ۾ عدالت توهين عدالت ڪيس ۾ 7 جنوري تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ مقرر ڪندي چيو ته سمورن جوابدارن تي ايندڙ ٻڌڻي تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button