اسلام آبادپاڪستان

نواز شريف کي واپس آڻينداسين،برطانيا سان ڳالهائي رهيا آهيون:فواد چوڌري

اسلام آباد ؛سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نواز شريف پاڻ نه موٽندو، کيس اسان واپس آڻينداسين، جوابدارن جي حوالگي لاءِ برطانيا سان ڳالهائي رهيا آهيون. ڪالهه وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته حڪومت ڪيرائڻ جون ڳالهيون اڳ به ٿيون، هاڻ به ٿي رهيون آهن. مولانا فضل الرحمان به مارچ جو اعلان ڪيو هو پر ڇا ٿيو؟ اهي سڀ ڏهاڙي وارا سياستدان آهن، روز نيون تاريخون ڏيندا آهن، انهن جي ڪا ڳالهه سنجيده ناهي. هن چيو ته نواز شريف ۽ آصف زرداري ملڪ کي نقصان پهچايو، ان ڪري آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو، راڻا شميم ڪيس ۾ سيسلين مافيا بي نقاب ٿي. سندس چوڻ هو ته ڪالهه راڻا شميم جي حلف نامي جي شنوائي دوران خبر پئجي وئي ته اها ڪيتري قدر وڏي مافيا آهي، جيڪا عدالتن کي پنهنجي قبضي ۾ ڪرڻ چاهي ٿي.هن وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف جيڪي شرط ڏنا آهن، انهن تي غور ڪرڻو آهي. اها مني بجيٽ ناهي، اپوزيشن جيڪا مني بجيٽ تي ايڏيون ڳالهيون ڪري رهي آهي، ان کي چئو اسان کي تجويزون ڏئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button