اسلام آبادپاڪستان

شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي منظور

اسلام آباد :وفاقي ڪابينا شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي، جي آءِ ٽي ۾ اينٽيليجنس ايجنسيز سوڌو سول ۽ عسڪري فورسز جا نمائندا شامل هوندا. ڪالهه وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي سڌ سما جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته شهيد ناظم جوکيو جي قتل ڪيس ۾ جوابدارن کي بچائڻ لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو ويو؟ جوابدارن کي بچائڻ لاءِ جاچ تي به اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. اهڙو عمل برداشت جوڳو نه آهي. هن چيو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پهرين قومي سلامتي پاليسي به منظور ڪئي وئي آھي. جڏھن تھ حڪومت طرفان ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ، بليڪ تي وڪري ۽ اسمگلنگ جو اعتراف ڪيو ويو آھي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڀاڻ جي بحران تي غور بعد پنجاب سرڪار کي ڀاڻ جي اسمگلنگ روڪڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي. وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان 70 سيڪڙو ڀاڻ امپورٽ ڪندو آهي، ڀاڻ بحران کان بچڻ لاءِ لاڳاپيل پلانٽس کي گئس به ڏني وئي. ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ۽ اسمگلنگ روڪڻ لاءِ ايڪشن کنيو ويندو. وفاقي وزير طرفان 48 ڪلاڪن ۾ بهتري نظر اچڻ جو آسرو ڏنو ويو آھي. هن چيو ته قومي سلامتي پاليسي عام ماڻهو جي زندگي سان سلهاڙيل آهي ۽ ان سان عام ماڻهو جو تحفظ يقيني بڻايو ويندو. ان سان گڏوگڏ قومي سلامتي پاليسي معاشي صورتحال سان به جڙيل آهي.سندس چوڻ هو ته ڪابينا کي يوريا جي پيداوار تي بريفنگ ڏني وئي، سٺي پيداوار سان هارين کي 1100 ارب رپيا واڌو آمدني ٿي، زراعت جي شعبي تي حڪومت ڌيان ڏئي رهي آهي. جڏهن ته ڀاڻ جو بحران پيدا ٿيو آهي، عالمي مارڪيٽ ۾ ڊي اي پي جي قيمت 12 هزار رپيا آهي پر يوريا ڀاڻ ملڪ ۾ ٺهي رهيو آهي ۽ وڏي پيداوار حاصل ڪئي، حڪومت وٽ يوريا جو اسٽاڪ به موجود آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button