اسلام آبادپاڪستان

سنڌ ۾ بلدياتي چونڊن لاءِ تڪبندين جو شيڊول جاري

اسلام آباد :اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ بلدياتي چونڊن لاءِ تڪبندين جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ تڪبندين جي حوالي سان انتظاميا جي تياري 14 جنوري تائين مڪمل ڪئي ويندي. جاري ڪيل شيڊول ۾ چيو ويو آهي ته ڪميٽي يوسيز ۽ وارڊز جي ابتدائي فهرست 17 جنوري کان 15 فيبروري تائين تيار ڪندي. 16 جنوري تي تڪبندين بابت شروعاتي فهرست پڌري ڪئي ويندي. 17 فيبروري کان 4 مارچ تائين تڪبندين خلاف اعتراض جمع ڪرائي سگهبا. 21 مارچ تائين اُهي اعتراض اُڪلايا ويندا. سنڌ ۾ يوسيز وارڊز جون حتمي تڪبنديون 24 مارچ تي جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button