اسلام آبادپاڪستان

سلامتي پاليسي تي پارليامينٽ جي راءِ نه ورتي وئي آهي:رضا رباني

اسلام آباد:پ پ جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته سلامتي پاليسي تي پارليامينٽ جي نه راءِ ورتي وئي ۽ نه ئي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي. پنهنجي بيان ۾ رضا رباني چيو ته قومي سلامتي پاليسي کي پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي ۾ جوڙڻ گهربو هو. قومي سلامتي ڪميٽي سڀني ڀائيوارن، فوجن، ٿنڪ ٽينڪس ۽ حڪومتي کاتن جي مشاورت سان پاليسي تيار ڪندي آهي. هن چيو ته قومي سلامتي پاليسي جو مسودو پارلياماني ڪميٽي سامهون پيش ڪرڻ گهرجي ها. پارلياماني ڪميٽي جي راءِ کانپوءِ پاليسي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پيش ڪرڻ گهرجي ها.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button