اسلام آبادپاڪستان

سلامتي پاليسي اڀرندڙ چئلينجز کي منهن ڏيڻ لا اڻٽر:آئي ايس پي آر

راولپنڊي : ڊي جي آئي ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار واضح ڪيو آهي ته نيشنل سيڪيورٽي پاليسي پاڪستان جي قومي سلامتي جي استحڪام ۾ اهم سنگ ميل آهي. اڀرندڙ چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ عالمي صورتحال سبب تيار ڪيل قومي سيڪيورٽي پاليسي ۾ ڏنل ويزن حاصل ڪرڻ ڪرڻ لاءِ پاڪ فوجون پنهنجون ڀرپور ڪردار ادا ڪنديون. اڱاري تي پنهنجي ٽوئٽ ۾ ڊي آئي جي آئي ايس پي آر واضح ڪيو ته پاليسي ۾ ڏنل فريم ورڪ جي ذريعي عالمي سطح تي تيار ٿيندڙ ماحول ۽ اڀرندڙ چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت جي عزم کي به ظاهر ڪري ٿي. هن واضح ڪيو ته عالمي صورتحال سبب تيار ڪيل قومي سيڪيورٽي پاليسي ۾ ڏنل ويزن حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪ فوجون پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button