پاڪستانسنڌ

ٽنڊوآدم پريس ڪلب جي چونڊ، حاجي خان سولنگي نائب صدر چونڊجي ويو

ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم پريس ڪلب جون سال 2022ع، 23ع لا چونڊون سرپرست منظور يوسفزئي جي نگراني ۾ ٿيون، جنهن ۾ سخت مقابلي بعد “سنڌ ايڪسپريس” جو رپورٽر حاجي خان سولنگي نائب صدر چونڊجي ويو. صدر امداد راھي، جاويد مصطفى جنرل سيڪريٽري، سليمان ساند جوائنٽ سيڪريٽري، غلام شبير پنهور چيئرمين ورڪنگ ڪميٽي ۽ آفيس سيڪريٽري محمد صديق مستانه چونڊجي ويا. ايم پي اي فراز ڏيرو، پ پ اڳواڻ پاڪستان خاصخيلي تنظيم جي صدر عارف خاصخيلي، پ پ اڳواڻ عامر خاصخيلي، وفا رضا، مهاڪوسٽ چيئرمين آچر خاصخيلي، سگا اڳواڻ غلام قادر ڀچو، پ ٽ الف اڳواڻ غلام رسول ٻجورو، بابا مظفر قريشي، پ پ تعلقي ٽنڊوآدم جي صدر جاويد شورو، ڊائريڪٽر مانيٽرنگ ۽ ايووليشن حيدرآباد اعجاز احمد جتوئي، ڊي ايس پي ايوب بروهي، سي ايم او همايون عمران راجپوت، پرائيويٽ اسڪولز شھيد بينظيرآباد ڊويزن جي صدر مرزا اشفاق بيگ، دلدار خان غوري ۽ جنان خان پٺاڻ سميت شهرين ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن نون چونڊيل عهديدارن کي اجرڪون ۽ گلن جا هار پارايا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button