پاڪستانسنڌ

عثمان شاهه هڙي ۾ چوپايو مال مرڻ جو سلسلو بند نه ٿيو

عثمان شاهھ ھڙي: عثمان شاهھ ھڙي ويجھو ڳوٺ نارو ڪولھي ۾ گھلگھوٽو جي بيماري سبب مري ويل جانورن جو تعدد 25 ٿي ويو، جنھن ۾ ڳئون، پاڏا، گابا، ڍاڳيون ۽ مينھون شامل آھن. جڏهن ته ڳوٺ ۾ ٻيا جانور به بيمار آهن. رھواسي نارو ڪولھي ٻڌايو ته منھنجي ڳوٺ ۾ بيماري سبب 25 ڍور 3 ڏينهن اندر مري چڪا آهن ۽ ڪيترائي بيمار آهن، گھلگھوٽو بيماري سبب 24 ڪلاڪن اندر ڍور مريو وڃن، ڪمون جون 2 مينھون ۽ هڪ پاڏو، پانشو جو ھڪ پاڏو، نشو جا 2 پاڏا، مٺو جو ھڪ پاڏو، رامشي جي ھڪ پاڏي، ڳليو جون 4 مينھون، ھڪ ڍڳي، گابو ۽ ھنشو جا 5 پاڏا مري ويا آهن. ھن سنڌ حڪومت ۽ لائيو اسٽاڪ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ٽنڊوالهيار مظھر علي ۽ ڊي سي ٽنڊوالهيار کان مطالبو ڪيو ته بيمار ڍورن کي بچائڻ لاءِ علاج ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button