اسلام آبادپاڪستان

قومي اسيمبلي ۾ مني بجيٽ پيش ڪرڻ تي وفاقي حڪومت مٿان تنقيد

اسلام آباد :اپوزيشن قومي اسيمبلي ۾ ترميمي فنانس بل (مني بجيٽ) پيش ڪرڻ تي حڪومت جو ڀرپور مقابلو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪالهه قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف چيو ته 1971ع جي سرينڊر بعد هاڻي ان کان به خطرناڪ سرينڊر ڪيو پيو وڃي. مني بجيٽ بل ۽ اسٽيٽ بئنڪ بل اچي رهيا آهن، ان ۾ اسان خود مختياري کي سرينڊر ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. ملڪ جي معاشي خودمختياري سرينڊر نه ڪيو، خدا جي واسطي نه مني بجيٽ ۽ نه اسٽيٽ بئنڪ بل آڻيو، عوام جو احساس ڪيو. اسٽيٽ بئنڪ آ ايم ايف جي برانچ ٿي وئي آهي. اڳيئن مرحلي ۾ نيوڪليئر طاقت جو سودو ڪيو ويندو. قومي اسيمبلي ۾ خطاب دوران پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف چيو ته ٻڌو آهي ڪا مني بجيٽ آندي پئي وڃي؟ عوام کي حقيقتن کان آگاهه ڪيو وڃي. مهانگائي، بيروزگاري ۽ گئس جي کوٽ عوام جي حالت خراب ڪري ڇڏي آهي. مني بجيٽ سان عوام جي ڏکن ۾ واڌ ٿيندي، سڀني کي گڏجي ان کي روڪڻو آهي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان مالي مشڪلاتن جو شڪار آهي، انهن مشڪلاتن جي پٺيان ڪهڙا عمل آهن، انهن کي ڏسڻ ۽ سنجيدگي سان ڳالهائڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان جي معاشي خودمختياري جو تحفظ اسان جي ذميواري آهي. شاهه محمود قريشي چيو آهي ته گهٽ کان گهٽ دفاعي صلاحيت تي پوري قوم جو اتفاق هو، آهي ۽ رهندو. ملڪ جي دفاع کان اسان ڪنهن به صورت ۾ غافل نٿا رهي سگهون. راجا پرويز اشرف ۽ مسلم ليگ (ن) جي خواجه آصف پاران اعتراض واري نقطي تي جواب ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته هڪ معزز ميمبر پاڪستان جي ائٽمي اثاثن جي حوالي سان ڳالهه ڪئي آهي، گهٽ کان گهٽ دفاعي صلاحيت تي قومي اتفاق راءِ هو، آهي ۽ رهندو. اسان ڪنهن غفلت ۽ ڪوتاهي کي برداشت نه ٿا ڪري سگهون. پاڪستان جي پوري قوم ان حوالي سان متفق آهي. پرڏيهي وزير جي تقرير دوران اپوزيشن ڪورم جي نشاندهي ڪئي، جڏهن ته ڳڻپ ڪرڻ تي ڪورم پورو نڪتو، جنهن بعد شاهه محمود قريشي خطاب جاري رکيو ۽ بعد ۾ قومي اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي 4 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button