اسلام آبادپاڪستان

سرڪاري ٽي وي مان 38 ماڻهن جون نوڪريون تيل

اسلام آباد: سينيٽ ۾ سرڪاري ٽي وي ۾ جعلي سرٽيفڪيٽ ۽ ڊگرين تي ماڻهن کي نوڪري مان ڪڍڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. اربع تي سينيٽ ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير لکت واري جواب ۾ ٻڌايو ته پهرين جولاءِ 2018 کان 30 جون 2021 تائين سرڪاري ٽي وي مان 38 ماڻهن جي نوڪري ختم ٿي. جعلي سرٽيفڪيٽ ۽ ڊگرين تي 10 ماڻهن کي نوڪري مان فارغ ڪيو ويو. سڌ سماءَ واري وزير چيو ته 20 ملازمن کي ڪارروائي ڪندي ۽ 8 ماڻهن کي خراب ڪارڪردگي تي ڪڍيو ويو. انهيءَ عرصي ۾ 61 ماڻهن جي مختلف سيٽن تي مقرريون ڪيون ويون. هن چيو ته 7 اينڪرز، 12 پرفيشنلز عارضي بنيادن تي 37 ۽ روزاني ڏهاڙي تي 3 مقرريون ڪيون ويون. سرڪاري ٽي وي تي ٻين ميڊيا چينلز سان مقابلي لاءِ مقرريون ڪيون ويون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button