اسلام آبادپاڪستان

ادارن ريئل اسٽيٽ جا بزنس کولي ڇڏيا،اڃا مفادن جو ٽڪراءُ ڪهڙو هوندو:هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته ادارن پنهنجي نالن سان سوسائٽيز ٺاهيون آهن. سندن پرائيويٽ بزنس آهن، ان کان وڏو مفاد جو ٽڪراءُ ڇا آهي؟ ڪالهه هاءِ ڪورٽ ۾ اسلام آباد ۾ پوليس آرڊر تي عملدرامد ڪيس تي شنوائي ٿي. اٽارني جنرل خالد جاويد خان آئي جي اسلام آباد، گهرو سيڪريٽري ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد عدالت آڏو پيش ٿيا. هاءِ ڪورٽ چيو ته پورو سسٽم عام ماڻهن لاءِ ويٺو آهي پر سڀ ڪم ان جي خلاف ٿي رهيو آهي. هميشه چيو وڃي ٿو ته عدليا جو دنيا ڪهڙو ريٽ ٿي ويو آهي، ڪيئن قبضا ٿين ٿا. ان سڀ آفيشلز کي خبر آهي. ايس ايڇ او ۽ تپيدار ملوث نه هجي ته قبضو ئي نٿو ٿي سگهي. وفاقي حڪومت پراسيڪيوشن برانچ ٺاهڻ ۾ دلچسپي نٿي وٺي. چيف جسٽس چيو ته وڏي ماڻهو کي ڪجهه ٿي وڃي ته پوري مشينري پهچي وڃي ٿي پر عام ماڻهن لاءِ ڪجهه نٿو ڪيو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر بي وس آهي ڇو ته هو ڪوآپريٽو سوسائٽي جو هيڊ آهي. ڇا گهرو وزارت جي سوسائٽي خلاف ڊپٽي ڪمشنر فيصلو ڪري سگهي ٿو، جيڪا به ججمنٽ ڏني ان کي کڻي خاني ۾ رکيو وڃي ٿو ڇو ته اها غريب بابت هوندي آهي. هتي اسلام آباد ۾ سمورن ادارن پنهنجي پنهنجي ريئل اسٽيٽ جا بزنس کولي ڇڏيا آهن. رياست کي جنهن عوام جو تحفظ ڪرڻو آهي، ان جا آرگنائيزر پاڻ ڪرائم ۾ ملوث آهن. ڪوئي رول آف لا نه آهي. ايف آئي اي، گهرو، آئي بي سڀ پنهنجي پنهنجي هائوسنگ سوسائٽيز ٺاهي ورتيون آهن. قبصا گروپن کي رياستي ادارن پاران پروٽيڪشن مليل آهي. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته 60 سال پهريان جن زمينون ورتيون، انهن کي معاوضو ناهي ڏنو ويو. ڪير ايندو انهن ڪمزور ماڻهن جو تحفظ ڪرڻ؟ ڇا اوهان آئي بي گهرو وزارت جي ريئل اسٽيٽ بزنس کي ڪيئن جسٽيفاءِ ڪري سگهون ٿا. چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته جيئن ئي موٽر وي تان لهجي ته وڏو بورد لڳو آهي. سپريم ڪورٽ هائوسنگ سوسائٽي، رجسٽرار ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ان بابت لاچار آهي. گذريل ٻڌڻي تي ٻڌايو ويو ته ادارن جي نالي تي هائوسنگ سوسائٽي رکڻ غيرقانوني آهي، هاڻي هي ختم ٿيڻ گهرجي. مفادن جو ٽڪراءُ ختم ٿيڻ گهرجي. اوهان مون کي ٻڌايو ته آئي بي سوسائٽي جي ڇا هسٽري آهي، ڇا هو قبضا گروپن ۾ ملوث نه هئي. ڊپٽي ڪمشنر حمزه شفقات چيو ته گهرو وزارت جو هائوسنگ سوسائٽي سان ڪوئي تعلق نه آهي. چيف جسٽس هدايت ڪئي ته هي سنگين معاملو وفاقي ڪابينا ۽ وزيراعطم جي نوٽيس ۾ آڻيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button