اسلام آباد :ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 3 ماڻهو فوت ۽ 482 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. پاڪستان ڪرونا مريضن جي حوالي سان تيار ڪيل لسٽ ۾ 37 هين نمبر تي اچي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 482 ڪيس ظاهر ٿيا ۽ وڌيڪ 3 ماڻهو هن وبا وگهي فوت ٿي ويا. جڏهن ته 535 مريض صحتياب ٿي ويا. هاڪاري ڪيسن جي شرح 0 ڏهائي 95 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. پاڪستان ۾ هن وقت تائين 28 هزار 921 ڪرونا وائرس جا مريض لاڏاڻو ڪري چڪا آهن. ڪل مريضن جو انگ 12 لک 94 هزار 861 ٿي چڪو آهي. ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جا 10 هزار 9 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 639 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جون وڌيڪ 50 هزار 662 ٽيسٽون ڪيون ويون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close