اسلام آبادپاڪستان

رڪور ڪيل 20 ارب سنڌ حڪومت کي ڏئي ڇڏيا:نيب چيئرمين

اسلام آباد :نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته نيب سنڌ ۾ ڪڻڪ کائيندڙ ڪوئن کي به پڪڙي رقم وصول ڪئي آهي. ڪالهه اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو ته ماڻهن کي سادو هجڻ گهرجي پر دوکي کان بچڻ جي ضروري آهي. ايراضي خريدڻ وقت تصوير ٻي لڳائي ويندي آهي، جيڪا حقيقت جي ابتڙ هوندي آهي، نيب وٽ ريڪوريز جو رڪارڊ آهي. هن چيو ته سکر ۾ 20 ارب رپين جي ڪڻڪ جا ذخيرا هيڏانهن هوڏانهن ٿي ويا هئا، پڇڻ تي چيو ويو ته ڪوئا کائي ويا، پوءِ انهن ڪوئن کي پڪڙيو سين ته انهن وٽان 20 ارب رپين جي ريڪوري ٿي. سندس چوڻ هو ته اسان اهي 20 ارب رپيا سنڌ حڪومت کي ڏئي ڇڏيا، نيب تي تنقيد ضرور ڪيو پر ثبوتن سان گڏ ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button