اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان جي اي لنڪ جي ذريعي عدالت ۾ پيشي جي وڊيو وائرل ٿي وئي. وفاقي وزير علي زيدي پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي وزيراعظم عمران خان جي اي لنڪ جي ذريعي ضلعي عدالت ۾ پيشي جي وڊيو جاري ڪئي آهي. شنوائي جي شروعات تي وزيراعظم کان سچ ڳالهائڻ جو حلف ورتو ويو. جج وزيراعظم عمران خان کان حلفي بيان ۽ صحيحن جي تصديق ڪرائي. ان دوران جج وزيراعطم کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڇا اوهان حلفي بيان ۾ لکيل متن مان به واقف آهيو، جنهن تي وزيراعظم چيو ته هائو بلڪل مان پاڻ پنهنجي وڪيل وليد اقبال کي حلفي بيان لکرايو هو. مان حلفي بيان ۾ جيڪا به ڄاڻ ڏني، اها سچ تي ٻڌل آهي. مان بيان سان ڳنڍيل ڪاغذن جي به درست هجڻ جي تصديق ڪريان ٿو. تصديق مڪمل ٿيڻ کان پوءِ وزيراعظم جج کان وڃڻ جي اجازت گهري. جج تصديق جو عمل مڪمل ٿيڻ تي وزيراعظم کي وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. واضح رهي خواجا آصف جي خلاف هرجاڻي جي دعويٰ بابت ڪيس ۾ وزيراعظم 17 ڊسمبر تي ايديشنل ڊسٽرڪٽ ايڊ سيشن جج جي آڏو پيش ٿيو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close