پاڪستانسنڌ

اسلام ڪوٽ ۾ نينگري جي بازيابي لا وارثن جو مظاهرو

اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ وڪڙيو ۾ ڪجهھ ڏينھن اڳ مبينا طور گھران نڪري پرڻو ڪندڙ ڇوڪري روشني ميگھواڙ جي وارثن ۽ مبينا اغوا ڪندڙ نوجوان موسى جنجھي جي سھري حاجي محمد جنجھي گڏيل طور پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي صحافين اڳيان دانھيندي نينگري جي پي سردار ميگھواڙ چيو ته منھنجي معصوم نياڻي کي ورغلائي اغوا ڪيو ويو آھي، جنھن جو ڪيس پڻ داخل ڪرايو آھي، پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناھي ڪيو، پوليس جوابدار ڌر کان پئٔسا وٺي اسان کي سکڻا دلاسا ڏئٔي رھي آھي. هن چيو ته منھنجي نياڻي جي عمر 12 سال آھي، جنھن جو نادرا مان پيدائٔشي سرٽيفڪيٽ پڻ مون ڪڍرايو آھي، جيڪو پڻ مون وٽ موجود آھي، ان چيو ته ظالمن مون سان وڏو ظلم ڪيو آھي. سپريم ڪورٽ ۽ ھا ڪورٽ سنڌ کان نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪريان ٿو. ٻئٔي پاسي معصوم ڇوڪري کي مبينا اغوا ڪندڙ موسى جنجھي جي سھري حاجي محمد جنجھي صحافين اڳيان دانھيندي چيو ته موسى جنجھي جو نڪاح منھنجي نياڻي سان 8 مھينا اڳ ٿيل آھي، ھي واقعو ٿيڻ کان اڳ ئٔي موسى منھنجي نياڻي کي تشدد ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو ھو، نياڻي کي ڏنل ڏاج سميت منھنجي ذاتي ملڪيت پڻ منھنجي نياڻي وٽ ھئي، جنھن ۾ روڪ رقم سميت زيور ھئٔا، جيڪي سڀ موسى جنجھي پاڻ سان گڏ کڻي ويو آھي، سردار ميگھواڙ ۽ مون سان وڏو ظلم ٿيو آھي. هن اعلى عدالتن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button