پاڪستانپنجاب

شهباز شريف لنڊن يا جيل ويندو:وفاقي حڪومت

لاهور :سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته شهباز شريف وٽ ٻه ئي آپشن آهن، لنڊن وڃي يا جيل. ڪالهه لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته اسان چاهيون ٿا ته عدالت نواز شريف کي واپس آڻڻ لاءِ قدم کڻي، اسان جي اها درخواست آهي ته روز جي بنياد تي نواز شريف جي ڪيس جي شنوائي ٿئي. هن چيو شهباز شريف کي لڳي ٿو ته اهو ٻڏي رهيو آهي ته سڄو پاڪستان ٻڏي رهيو آهي. شهباز شريف وٽ ٻه ئي آپشن آهن، لنڊن وڃي يا وري جيل وڃي. سندس چوڻ هو ته اسان ٽن سالن ۾ 32 ارب ڊالرن جو قرض واپس ڪيو آهي، عمران خان وزيراعظم نه هجي ها ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري وڃي ها. فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته سياست ڪرڻ جو حق سڀني جماعتن کي آهي. اسان ته چاهيون ٿا پ پ ۽ ن ليگ قومي سياست ڪن، اپوزيشن وارا ڀڄي ويا آهن، ميدان ۾ ايندا ته اسان ڳالهائينداسين. وفاقي وزير چيو ته آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو لاهور اچڻ چاهين ٿا ته اچن، 10 ويسن جي گهر ۾ انهن جو جلسو ٿي ويندو. سنڌ جي وڏي وزير کي اپيل ڪندس ته هو پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري. هي عظيم فلاحي منصوبو آهي جنهن سان سمورن شهرن کي هر سال 10 لک رپين تائين علاج جي مفت سهولت ملندي، ان لاءِ سنڌ جي شهرين کي به ان ۾ شامل ڪري. هن چيو ته راشن پروگرام به 15 تاريخ تائين شروع ٿي ويندو جنهن سان عوام کي رليف ملندو. فواد چوڌري چيو ته فنانس ايڪٽ ۾جيڪي ترميمون آيون آهن، ان جو بنيادي مقصد پاڪستان ۾ ٽيڪس ڪلچر کي هٿي ڏني وڃي. 343 ارب رپين جو سيلز ٽيڪس جيڪو ختم ٿيو آهي، ان مان 71 ارب رپيا صرف ٽيڪس باقي سمورو ريفنڊ ۽ ايڊجسٽ ايبل آهي. صرف گلزري امپورٽيڊ شين تي ٽيڪس رهندو، ٻين سمورين شين تي ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي. ان سان دوائن جون قيمتون گهٽجي وينديون. مان شوڪت ترين کي مبارڪون ڏيان ٿو ۽ ان جو شڪريو ادا ڪرڻ چاهيان ٿو ته هن فلم انڊسٽري ۽ انٽرنينمينٽ کي بچائڻ لاءِ کوڙ سارا قدم کنيا آهن. سئنيما جي مشينري ۽ فلم پروڊيڪشن تان سمورا ٽيڪس هٽائي ڇڏيا آهن. اسان جا فنڪار بيڪار ويٺا آهن، سڄي دنيا ٻاهران فنڪارن کان ڪم ڪرائي رهي آهي. اسان پنهنجي فنڪارن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ فارن ڪنٽنٽ کي ٽيڪس ڪيو آهي ۽ ان جو پاڪستان کي وڏو فائدو ٿيندو. هن چيو ته عوام ڏٺو ته قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي مرڪزي ليڊرشپ اها ته ايتري مايوس آهي جو اسيمبلي ۾ ئي نه آئي. هن پنهنجن ماڻهن کي بيهارڻ جي ڪوشش ڪئي پر انهن محسوس ڪيو ته مسلم ليگ (ن) جاکوڙ سارا ماڻهو به فنانس ايڪٽ ۾ ترميمن جي مخالفت نه ڪندا. هي ته چئي رهيا هئا ته پي ٽي آئي جا 29 ماڻهو انهن سان رابطو ڪري رهيا آهن پر خبر پئي ته سموري اپوزيشن ئي پي ٽي آئي سان رابطي ۾ آهي ۽ ڪيئن پوءِ هي وکري ويا آهن. هن مير علي جي علائقي ۾ فوجي جوانن جي شهادت تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته اسان جا فوجي جوان، پوليس، ليويز جا جوان ايف سي ۽ رينجرز جا جوان جيڪي قربانيون ڏئي رهيا آهن، انهن جي رت جي خوشبو پاڪستان ۾ اچي ٿي اسان انهن کي سلوٽ پيش ڪريون ٿا. جنهن جنهن دهشتگردي ڪئي آهي اسان ان کان انتقام ورتو آهي هي خون رائيگان نه ويندو. فواد چوڌري چيو ته موجوده حڪومت ٽن سالن ۾ 32 ارب ڊالر جو قرض ۽ وياج واپس ڪيو آهي ۽ هن دور ۾ اسان ڪل 55 ارب ڊالر واپس ڪرڻا آهن. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو. وزيراعظم عمران خان ۽ ان جي معاشي ٽيم جي ڪري نه صرف پاڪستان ايترو قرض واپس ڪيو آهي پر پنهنجن پيرن تي به بيٺو آهي. هن چيو ته اپوزيشن وارا ته ڀڳل آهن اهي واپس اچن واپس ميدان ۾ هوندا ته ڳالهه ٿيندي هتي ته اپوزيشن به عمران خان ڪري ڏيکاري هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button