مٺي: ٿر آرٽس ڪائونسل پاران شهيد بينظير ڀٽو ڪامپليڪس مٺي ۾ ٽن ڏينهن وارو مارئي جو ميلو ۽ ٿر لٽريچر فيسٽيول منعقد ڪيو ويو. مارئي ميلي ۽ ٿر لٽريچر فيسٽيول جو افتتاح پ پ ضلعي ٿرپارڪر جي انفارميشن سيڪريٽري ڪامريڊ نندلال مالهي، عوامي شاعر بلاول اوٺو، ڪشور آسواڻي، ھريش راٺوڙ ۽ ٻين ڪيو. افتتاح بعد ٿر ڪانفرنس جو سيشن ڪوٺايو ويو. ڪانفرنس ۾ ٿر جي نوجوانن، شاگردن، اديبن، شاعرن ۽ عورتن سميت وڏي تعداد ۾ ٿر واسين شرڪت ڪئي. ڪانفرنس جي پهرين ڏينهن خطاب ڪندي ڪامريڊ نندلال مالهي چيو ته مارئي ٿر جي عظيم ڪردار هئي، مارئي جي حب الوطني جي عظيم ڪردار تي اسان کي فخر آهي، اسان پنهنجي فڪري رهبر شاهه لطيف جا ٿوڙائتا آهيون، جنهن پنهنجي وطن سان محبت ڪندڙ ڪردار کان نه رڳو اسان ٿر واسين، سنڌ واسين ۽ پاڪستان جي ماڻهن پر سڄي دنيا ۾ سڃاڻپ ڪرائي. مارئي جي عظيم ڪردار تي سرڪاري سطح تي هر سال ساليانو ميلو لڳائڻ گهرجي. ڪانفرنس کي شاعر بلاول اوٺو خطاب ڪندي چيو ته مارئي جي ڪردار تي اسان ٿرين کي فخر آهي، اسان ٿر جا ماڻهو مارئي ۽ روپلي ڪولهي جا وارث آهيون، زنده قومون پنهنجي ڪردارن کي ڪڏهن به وساري نٿيون سگهن. سياسي سماجي اڳواڻ محمد خان لنڊ خطاب ڪندي چيو ته اسان کي پنهنجي وطن سان ايئن محبت ڪرڻ کپي، جيئن مارئي ڪئي هئي، هن وقت ٿر جي وسيلن کي لٽڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن، ڪارونجهر جبل کي ڪٽڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسان سڀني کي اڳتي اچي پنهنجي وسيلن جي مالڪي ڪرڻ گهرجي. ڪانفرنس کي قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ شاهنواز هنگورجو، ڪشور آسواڻي، ريحان الله والا، ولي محمد مڱريو ۽ ٻين خطاب ڪيو. مارئي ميلي ۽ ٿر لٽريچر فيسٽيول ۾ ڪتابن ۽ ثقافتي شين اسٽال لڳايا ويا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close