اسلام آبادپاڪستان

نئين سال ۾ اپوزيشن ۽ حڪومت ويڇا وساري ڳالهيون ڪن:فواد چوڌري

اسلام آباد:سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري نئين سال جي شروعات تي اپوزيشن ڏانهن دوستي جو هٿ وڌائيندي ملڪي سياست ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. پنهنجي سياسي مخالفن سان سٺن لاڳاپن جي اميد ڪندي فواد چوڌري ٽوئيٽ ڪيو ته منهنجي خيال ۾ نئين سال 2022 جي شروعات ۾ ڇڪتاڻ ختم ڪري حڪومت ۽ اپوزيشن کي چونڊ، معاشي، سياسي ۽ عدالتي سڌارن تي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن.هن چيو ته پاڪستان هڪ عظيم ملڪ آهي، اسان کي پنهنجون ذميواريون سمجهڻ جي ضرورت آهي. پارليامينٽ ۾ گوڙ گهمسان سان عام شهري جي نظرن ۾ سياستدانن جي ساک خراب ٿيندي آهي ۽ انهن جو وقار گهٽ ٿيندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button