اسلام آبادپاڪستان

مريم نواز ۽ شاهد خاقان عباسي خلاف توهين عدالت جي اپيل رد

اسلام آباد :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار مٿان تنقيد واري ڪيس ۾ مريم نواز ۽ شاهد خاقان عباسي خلاف توهين عدالت جي اپيل رد ڪري ڇڏي. رپورٽ موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ چيف جسٽس ثاقب نثار مٿان تنقيد ڪرڻ تي مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان جي خلاف توهين عدالت اپيل رد ڪري ڇڏي آهي. عدالت سنگل بينچ جي چيف جسٽس اطهر من الله جو فيصلو برقرار رکندي اپيل رد ڪئي. واضح رهي ته ان کان اڳ سنگل بئنچ درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏني هئي. مقامي وڪيل سنگل بئنچ جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪئي هئي. پر هاڻ ڊويزن بينچ به درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏئي ڇڏي. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس ارباب محمد طاهر لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته درخواست ڏيندڙ نه ٻڌائي سگهيو ته ڪهڙي عدالت جي حڪم جي ڀڃڪڙي ٿي. توهين عدالت ڪيس عدالت ۽ توهين ڪندڙ جي وچ ۾ هوندو آهي. ڪنهن جي مطالبي تي توهين عدالت جي ڪارروائي نٿي ڪري سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button