پاڪستانپنجاب

بلال ياسين ڪامياب آپريشن کانپوءِ آءِ سي يو منتقل

لاهور: ن ليگ پنجاب اسيمبلي ميمبر بلال ياسين کي ڪامياب آپريشن کانپوءِ آءِ سي يو منتقل ڪيو ويو آهي. ميو اسپتال جي ڊاڪٽر فياض موجب بلال ياسين جي طبعيت بهتر آهي، گولي لڳڻ سبب ان جي ڄنگهه جي هڏي ڀڄي پئي هئي، جنهن جي جديد طريقي سان سرجري ڪئي وئي پر زخم مڪمل ڀرجڻ ۾ 6 کان 9 مهينا لڳي سگهن ٿا. هوڏانهن پوليس بلال ياسين جو بيان رڪارڊ ڪرڻ لاءِ ميو اسپتال پهتي. پوليس اختيارين موجب واقعي جي مڪمل جاچ لاءِ بلال ياسين جو بيان تمام ضروري آهي، هو پاڻ يا وڪيل ذريعي بيان رڪارڊ ڪرائي ته سولائي ٿيندي. پوليس جو چوڻ هو ته بلال ياسين تي حملي جي جاچ ۾ سي سي ٽي وي وڊيو جي مدد ورتي پئي وڃي. واضح رهي ته بلال ياسين گذريل رات موهني روڊ تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿي پيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button